اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني ات?? وزيرستان جي علائقي ميرانشاه?? ۾ ??ودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي 3 سيڪيورٽي اهلڪارن س??يت 6 ماڻهن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هتي جاري پڌرائي موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آهن، انسانيت جي دشمنن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنه??جي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائي.