اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فوج، عدليه ۽ ٻين اهم رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف آهي، ان ??ي هر گز اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پاڪستان ??حريڪ انصاف جي چئن سالن جي حڪومت جي دور ۾ جعلي ٽوئيٽر هينڊلرز، يوٽيوبرز ۽ بلاگزر جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف هڪ منظم مهم هلائي وئي جنهن جا تفصيل جلد ئي ايوان ۾ پيش ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ طاهره اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وري وزير مريم اورنگزيب چيو ته 2004ع کان ??جلي جي بلن ۾ پي ٽي وي لائسنس فيس وصول ڪئي پئي وڃي، اهو سڄو عمل وڏي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو وي??دو آهي، پيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ 18 -2017ع کان 22 -2021ع گذريل 5 سالن دوران مجموعي طور تي 5 ارب 94 ڪروڙ 35 لک 39 هزار 147 روپيا بجلي جي بلن جي ذريعي ٽي وي لائسنس فيس جي مُد ۾ وصول ڪيا ويا، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته جڏهن به اخلاقيات جي ابتڙ ڪو اشتهار هل??دو آهي ته پيمرا سيڪشن 27 تحت نوٽيس وٺندي آهي، اهڙن اشتهارن تي ڏنڊ وڌو وي??دو آهي ۽ بند ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن ايڊٽ ڪري درست ٿي سگهي ٿو ته ايئن به ڪيو وي??دو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اطلاعات واري وزارت جي ڪنهن به اداري ۾ قاعدن جي ابتڙ ڀرتيون ٿيون آهن ته اسان ??يندي ئي ايڪشن کنيو آهي، اسان ??هڙن ماڻهن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي وي ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، اهڙي طرح جي ڀرتين سان ??دارا تباهه ٿي ويندا آهن، هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جي م??تح?? ٻين ادارن ۾ جتي به اهڙي قاعدي جي خلاف ڀرتيون ٿيون آهن اسان ڪميٽي ٺاهي ان ??و نوٽيس ورتو آهي، نور عالم ??ان ??ي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستاني فوج، عدليه ۽ ٻين اهم رياستي آئيني ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف قدم آهن، ان ??ي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پي ٽي اي سائبر ونگ 2016ع، ايف آءِ اي سائبر ونگ پيڪا کي ڊيل ڪ??دو آهي، اطلاعات واري وزارت ۾ پيمرا ريگوليٽ ڪندي آهي، پيمرا پهرين وارننگ ڏيندي آهي پوءِ به جيڪڏهن ڄاڻايل چئنل خلاف ورزي جو مرتڪب ٿي??دو آهي ته پيمرا پنهنجي قانون تحت ڏنڊ وجهڻ يا چئنل بند ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ٽوئيٽر جي ذريعي پاڪستان ??حريڪ انصاف جي ذريعي ادارن کي نشانو بڻايو ويو، چئن سالن تائين جعلي ٽوئيٽرز اڪائونٽس، يوٽيوب ۽ بلاگرز جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف مهم هلائي وئي جلد ئي ان ??ا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪنداسين.