لاهور – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ لاهور جو دورو ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف کي پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي مالي ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي گذريل دوري دوران جاري ڪيل هدايتن جي روشني ۾ پي ڪي ايل آئي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، نرسنگ انسٽيٽيوٽ جو قيام، 50 سيڪڙو مستحق م??يض?? جو مفت علاج، مفت علاج سڀني جي لاءِ ۽ پي ڪي ايل آئي ٽرسٽ جي قيام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آئي جي شعبن کي مرحليوار فعال ڪيو وڃي، گذريل ٽن سالن ۾ جيڪي منصوبا تعطل جو شڪار رهيا انهن کي هنگامي ??ني??دن تي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم پنجاب جي چيف سي??ري??ري ۽ پنجاب جي ناڻي واري س????ري??ري کي هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آئي کي فنڊز جي فراهمي 10 جولاءِ تائين يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته نرسنگ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم ايندڙ مهيني تائين مڪمل ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ قابل ۽ اهل پرائيويٽ ميمبرن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن پي ڪي ايل آئي جي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهجي. وزيراعظم نئين چونڊيل پي ڪي ايل آئي بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد اختر کي مبارڪباد ڏني ۽ هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آئي جي مالي معاملن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سٺي شهرت رکندڙ مشاورتي اداري جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. م??يض?? جي اس??ري??نگ سينٽرز کي پوري پنجاب ۾ فعال ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي طبي س??ولتون انهن جي درن تي فراهم ڪري سگهجن. ان موقعي تي پي ڪي ايل آئي جي چيئرمين ان عزم جو اظهار ڪيو ته مصر وانگر پاڪستان به جلد هيپاٽائيٽس سي جهڙي موذي بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو. ناڻي واري س????ري??ري وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته پي ڪي ايل آئي جي لاءِ مخصوص فنڊز 10 جولاءِ تائين جاري ڪيا ويندا.