انقره – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. ايسن بوعا ايئرپورٽ تي ترڪي جي واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ ک??نپ??ءِ وزيراعظم ??هباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو هو، وزيراعظم ??هباز شريف دوري دوران صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿيون، صدر اردوان وزيراعظم ??هباز شريف جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل لوگو جاري ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن اها سالگرهه شاندار طر??قي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??هباز شريف سندس ۽ سندس وفد جو والهاڻو استقبال ۽ شاندار ميزباني تي ترڪ صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم ??در طيب اردوان کي پاڪستان جو دورو ڪ??ڻ جي دعوت به ڏني، دوري دوران وزيراعظم ??رڪي جي مشهور ڪاروباري ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ??ديد ترڪي جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي به حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، وزيراعظم ??ان ترڪ پرڏيهي وزير، صحت واري وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتون به ڪيون.