اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام جي متاثر ٿيڻ جو احساس آهي، پر ان کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، صورتحال تي قوم کي جلد ا??تماد ۾ وٺندس، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام تي ٿيڻ وار?? اثرن کان چڱي طرح آگاهه آهيان، پر پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي ڪري موجوده حڪومت وٽ پيٽروليم مصنوعاتن جون قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، وزيراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي حوالي سان قوم کي جلد ا??تماد ۾ وٺندو، وزيراعظم چيو ته انشاءُ الله اسان اقتصادي مشڪلاتن مان نڪري اينداسين، وزيراعظم حيرانگي جو اظهار ڪيو ته جن آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪ??و ۽ انتهائي غلط معاش??تي فيصلا ڪيا ڇا هو سچ جو منهن ڏسڻ جي همت رکن ٿا؟ هن چيو ته قوم هن وقت جنهن معاشي مشڪلاتن مان گذري رهي آهي، ان جو ذميدار پاڻ کي ڪيئن بري زمان قرار ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته هو اڳوڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي باري ۾ قوم کي جلد ا??تماد ۾ وٺندو.