ڪوٽلي– 04 – آگسٽ (اي پي پي) 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي س??ن سڄي آزاد ڪشمير وانگر ڪوٽلي ضلعي ۾ به ريلي ڪڍي ويندي. ان سلسلي ۾ يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي صبح 8:58 منٽن تي س??ئرن وڄايا ويندا ۽ 01 منٽ جي لاءِ خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ان دوران ٽريفڪ هڪ منٽ جي لاءِ بيهي ويندي. يوم استحصال جي حوالي س??ن ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ڏھين وڳي ريلي ڪڍي ويندي. احتجاجي ريلي ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، وڪيل، ميڊيا جا نمائندا، واپاري تنظيمن کان عل??وه شاگرد ۽ سول سوسائٽي شرڪت ڪندي.