لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي حل لازمي آهي. وا??ار??ل ڪشمير ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ان جي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي. ڪشمير مسئلي تي پوري پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آ??ي. پاڪستان پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي سمورن عالمي ۽ ع??ائقائي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهي رهيو آهي. اسپيڪر گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ڪشمير مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀ??رت تي وا??ار??ل ڪشمير ۾ طاقت جي استعمال کي بند ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڀ??رت پاران عمر قيد جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان تي ڪيل ظلمن جي سختي سان مذمت ڪئي ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي ياسين ملڪ سميت ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن حريت اڳواڻن جي آزادي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.