اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي س??ير جمال بيڪر عبدالله چيو آهي ته ايٿوپيا جو اسلام آباد ۾ پنهنجي سفارتي مشن جي باضابطا شروعات ڪرڻ جو فيصلو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ”ا?? پي پي“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان هڪ قانوني واپاري فريم ورڪ تيار ڪندا جيڪو ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن کي وڌيڪ ترغيب ڏيندو جنهن جي نت??جي ۾ ٻنهي ملڪن جي واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا 1958ع ۾ قائم ٿيا هئا جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا ۽ عالمي امن ۽ سلامتي ۾ مضبوط تعاون قائم رهيو آهي. ايٿوپيا جي س??ير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ به ايٿوپيا جي حمايت ڪئي آهي جنهن جي لاءِ اسان پاڪستان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. س?? پيڪ ۾ ايٿوپيا جي دلچسپي بابت هن چيو ته س?? پيڪ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بنيادي ڍانچي جي وڏن منصوبن مان هڪ آهي، اهو پاڪستان کي باقي دنيا سان ڳنڍيندو. هن چيو ته گوادر ۽ جبوتي مختصر ترين رستو آهي ۽ اسٽريٽجڪ طور تي اهو پاڪستان کي باقي آفريقا سان ڳنڍي سگهي ٿو. جمال بيڪر عبدالله چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو تحت جبوتي کان اديس ابابا تائين ريلوي جو منصوبو اڳ ۾ ئي کلي چڪو آهي، ايٿوپيا ان جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ س?? پيڪ جي منصوبي ۾ خصوصي دلچسپي وٺي رهيو آهي. ايٿوپيا جي س??ير پاڪستانين جي لاءِ آن ارائيول ويزا پاليسي بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ماڻهن کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ ۾ آسان?? پيدا ڪرڻ جو اهو هڪ طريقو آهي ۽ اهي ايٿوپيا ۾ اچي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته انهن جي ويزا جي عمل کي اپ ڊيٽ ڪيو وڃي جيڪو تيز ۽ اعتماد جوڳو هجي. ان کان اڳ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير رضوان حسين راميٽو پڻ چيو هو ته ايٿوپيا پاڪستان جي واپارين جي لاءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي ته جيئن اهي ڪاروباري موقعا ڳولڻ جي لاءِ آساني سان آفريقي ملڪ جو دورو ڪري سگهن. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو اٽڪل 63 ملين ڊالر آهي، ايٿوپيا جي پاڪستان کي د??آم??ات اٽڪل 4.6 ملين ڊالر آهي جڏهن ته ايٿوپيا کي پاڪستان جي ب??آم??ات 38.6 ملين ڊالر آهي. آفريقا 1.2 ارب آبادي جي مارڪيٽ ۽ واپار جو مستقبل هاڻي آفريقا ۽ ايشيا ۾ آهي. ايٿوپيا ۽ پاڪستان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليمي، تعميراتي صنعت، فارماسيوٽيڪل ۽ گارمينٽس سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻ گهرجي. ايٿوپيا جي ڪافي ۽ چانهه وڌيڪ سستي آهي جيڪا پاڪستان کي ب??آم?? ڪئي ويندي. اهڙي طرح پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ دواسازي جي ب??آم??ات واپاري ڪاٿي ۾ مددگار ثابت ٿيندي، ايٿوپيا پاڪستان کان دواسازي جي وڏي مصنوعات ب??آم??ات ڪري رهيو آهي. ايٿوپيا ۾ فيڪٽريون لڳائڻ کانپوءِ ب??آم??ي سامان مختلف آفريقي ملڪن کي موڪلي سگهج?? پيو. هن چيو ته اسان کي هڪ قانوني فريم ورڪ ٺاهڻ گهرجي جيڪو سيڙپڪارن کي ترغيب ڏي ۽ اهو ته انهن جي ملڪيتن جي حقن کي پڻ برقرار رکي. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان تعليمي تعاون کي وڌائي سگهن ٿا ۽ انهن جو مشن تعليمي مٽاسٽا شروع ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ڇو ته ان سان نوجوانن جي صلاحيت کي سگهه ملي سگهي ٿي. ايٿوپيا جي س??ير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هن مشڪل وقت ۾ پوري دنيا کي پاڪستان سان گڏ بيهڻ گهرجي. ٽائيگري جي معاملي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ايٿوپيا ڳالهين ۽ امن قائم ڪرڻ ذريعي سياسي حل چاهي ٿو، دهشتگرد ٽائيگر?? پيپلز لبريشن ??رنٽ گروپ حڪومتي اپيل کي نقصان پهچايو ۽ اڻوندڙ جنگ کي ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو. س??ير چيو ته ايٿوپيا جي حڪومت جي اها آئيني ذميواري آهي ته اها پنهنجي شهرين جو دفاع ۽ تحفظ ڪري. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ٽائيگر?? پيپلز لبريشن ??رنٽ تي آفريقن يونين جي قيادت ۾ امن ڳالهيون جاري رکڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي.