نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي ما?? ۾ گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطح بحث مباحثي جي افتتاحي اجلاس ۾ شري?? ٿيندو. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر، اسپين جي صدر پيڊرو سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ٽپهر وزيراعظم دي ٽائيمز سينٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ادارتي بورڊ سان گڏ انٽرويو ۾ شري?? ٿيندو. شام جو وزيراعظم سان آمريڪا جو موسمياتي تبديلي بابت خصوصي نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪندو.