اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي چاهي ٿ?? ته عوام حق ۽ سچ جو ساٿ نه ڏي پر بشريٰ بي بي، فرح گوگي ۽ انهن جي ڪرپشن سان گڏ بيهي، نالائق، چور، ڪوڙو فارن فنڊيڊ فتنو ملڪ تي مڙهجي ٿ?? ته ملڪ تب??هه ٿئي ٿو، ملڪ ڪوڙي نالائق فارن فنڊيڊ فتني جي حڪمراني سان خوشحال نه بدحال ٿئي ٿي، ان فارن فنڊيڊ فتني، ڌاڙيل ۽ ڪوڙ جي ملڪ تي مڙهجڻ سان ملڪي معيشت تب??هه ٿي، هن چار سال چور ??ور جو تماشو لڳائي عوام کي بيروزگار، ملڪ کي غريب ۽ ڪمزور ??يو، هٿ ڦهلائي زڪوات ۽ خيرات گڏ ڪئي ۽ ان کي پنهنجي ذات تي خرچ ڪي??، تعليمي ادارن کي انتشار جو ميدان بڻائيندڙ کي شرم اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ چيئرمين ع??ران خان جي سرگوڌا يونيورسٽي ۾ خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي ڪي??. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته صحافت جو سرٽيفائيڊ پريڊيٽر صحافت جي آزادي جو ڀاشن نه ڏي، عمران خان چار سال قانون کي يرغمال بڻائي رکيو ۽ پنهنجي سياسي مخالفن تي ڪو الزام ثابت نه ڪري سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته جنهن شخص اٽي ۽ کنڊ تي ڌاڙو هنيو، ان کي عوام ڪيئن وزيراعظم بڻائي ڇڏي؟ جنهن قومي مفاد وڪرو ڪي??، ان کي عوام ڪيئن وزيراعظم بڻائي ڇڏي؟ جنهن ملڪ جي زمين وڪرو ڪئي هجي، ان کي عوام ڪيئن وزيراعظم بڻائي ڇڏي؟ هن چي?? ته عمران نيازي تقرير رڳو بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي کي جيل وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪئي، عمران نيازي جن کي چور ??وندو ۽ الزام هڻندو آهي، ان تي هڪ به الزام ڇو ثابت نه ڪي??؟ سياسي مخالفن چار سال جيلن ۾ قيد ڪي??، ثبوت ڇو پيش نه ڪيا؟ هن چي?? ته امر بالمعروف اهو آهي ته الزام ۽ ڪوڙ تي الله کان ڊڄو. وفاقي وزير چي?? ته خيبرپختونخو??هه ۾ سرڪاري ملازمن کي پگهار ڏيڻ جا پئسا نه آهن ۽ سرگوڌا ۾ ليڪچر، و??هه عمران خان واهه…. فارن فنڊيڊ فتني 45 هزار ارب جو قرض ملڪ تي چاڙهي ڇڏيو، هن ٽي سالن ۾ 25 هزار ارب رپين جو تاريخي قرض ورتو، خيبرپختونخو??هه ۾ پي ٽي آءِ حڪومت هٿ ڦهلائي تاريخي 651 ارب رپين جو قرض ورتو، 10 سال خيبرپختونخو??هه کي بيروزگار، مهانگو، غريب ۽ قرض ۾ ٻوڙي ڇڏيو، چار سال وفاق ۽ پنجاب ۾ رڳو نواز شريف ۽ شهباز شريف جي منصوبن جا فيٿا ڪاٽيا.