اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪ?? جي قيادت ۽ وسيع تر عوامي اداراجاتي رابط?? جي فروغ تمام اهم آهي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه مصر جي سفير طارق محمد دهروج سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان مصر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مصر ۾ ايندڙ مهيني ڪوپ – 27 ڪ??نف??نس منعقد ڪرڻ جي معاملي تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي?? جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پ??دا ٿيندڙ صورتحال تي مصر جي حمايت ۽ يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو. وزيراعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪ??نف??نس ج?? ميزباني تي مصر جي حڪومت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو ماحولياتي تبديلي ۽ ڪمزور طبقن بابت اعليٰ سطحي گول ميز ڪ??نف??نس جي گڏيل صدارت سميت فعال شرڪت جو منتظر آهي. پاڪستان ڪوپ – 27 ڪ??نف??نس ۾ گروپ 77 ۽ چي?? جي نمائندگي به ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي قيادت، عوام سان عوام ۽ اداراجاتي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ نقطه نظر تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ ٻئي سان ويجهو تعاون ڪن ٿا.