اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شري?? چيو آهي ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا کي ڪيترائي چيلنج درپيش آهن پاڪستان ۽ چين هڪ دوست ۽ حصيدار طور هڪ ٻئي گڏ سان بيٺل آهن. چين جي دوري جي دوران چيني قيادت سان سي پيڪ کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٽ ٿيندي. اڱاري تي پنه??جي ??وئ??ٽ ۾ وزيراعظم ڇيو ته هو اڄ چين جي دوري تي وڃي رهيو آهيان. هن ??يو ته منه??جي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته آئون انهن ??جهه پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهيان جن کي چين جي حڪمران پارٽي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 20هين تاريخي نيشنل ڪانگريس کانپوءِ چين جي دوري جي دعوت ڏني وئي آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، پاڪستان ۽ چين هڪ دوست ۽ حصيدار طور تي هڪ ٻئي گڏ بيٺل آهن. هن ??يو ته دوري جي دوران چيني قيادت سان گڏ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻين معاملن سان گڏوگڏ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي کي سگهه ڏيڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو. سي پيڪ جو ٻيو مرحلو اسان جي ماڻهن جي سماجي معاشي ترقي جي لاءِ نئي دور جو آغاز هوندو. هن ??يو ته چين جي معاشي ڪاميابين مان گهڻو ڪجهه سکي سگهجي ٿو.