اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سک رهنما بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي س??ي دنيا مان پاڪستان ايندڙ سک ياترين جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان جي زندگي ۽ ان جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان سميت س??ي دنيا ۾ سک برادري بابا گرو نانڪ جو 553 هون جنم ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، بابا گرو نانڪ جي زندگي ۽ ان جو پيغام ڀائيچاري ۽ امن جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته ان مقدس ڏينهن تي س??ي دنيا مان آيل سک ياترين کي ڀليڪار ڪريان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته پاڪستان ۾ انهن جو قيام بهترين گذرندو.