اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف جي سڄي ملڪ کي موٽرويز ??ان ڳنڍڻ واري خواب جي تڪميل جو اڄ اهم ڏينهن آهي، 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽروي ايم – 06 جي پيڙهه جي پٿر بعد ??شاور ڪراچي موٽروي (پي ڪي ايم) جي آخري حصي جي تعمير بعد ??اڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز ??ان ڳنڍجي ويند??. ا??اري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي شراڪتداري ??ان ايم -06 کي تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم – 06 کي 30 مهينن جي مختصر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته منصوبي جي تڪميل ??ان سڄي ملڪ جي عوام کي جديد، آرامده ۽ تيز ترين سفري سهولت ملندي. ان کان ع??اوه ان موٽروي جي تعمير ??ان واپاري برادري کي پنهنجي سامان جي منتقلي ۾ پڻ آساني ٿيندي ۽ وقت جي بچت ٿيندي، ان کان ع??اوه حادثن کان بچڻ کان ع??اوه جي ٽي روڊ تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ به گهٽتائي ايندي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته بهترين شاهراهن جي تعمير ??ان ترقي جي قومي رفتار ۾ اضافو ٿيندو جنهن ??ان پاڪستان جي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا. منصوبي جي تڪميل ??ان ملڪ ۾ واپاري سرگرميون تيز ٿينديون، واپارين، صنعتڪارن ۽ هارين کي پنهنجي مصنوعات جي ترسيل ۾ آساني ٿيندي.