اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي وڪيل بئريسٽر شهزاد عطا ال??هي جي اٽارني جنرل آف پاڪستان طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بئريسٽر شهزاد عطا ال??هي کي منصور عثمان اعواڻ پاران عهدو نه سنڀالڻ جي ڪري اٽارني جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. صدر مقرري جي منظوري آئ??ن جي آرٽيڪل 100 ۽ رو??ز آف بزنس تحت ڏني.