اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ناڻي ۽ اوڳاڙين واري ??فا??ي وزير سينيٽر محمد اسحاق ??ار ملاقات ڪئي ۽ کيس عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ اتفاق راءِ کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آءِ ايم ايف سان معاهدي تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته رياست پاڪستان حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل ??اع??ن ت?? قائم رهندي. ??فا??ي وزير ٻڌايو ته حڪومت هڪ آرڊيننس جاري ڪري ٽيڪسن جي ذريعي اضافي روينيو گڏ ڪرڻي چاهي ٿي. صدر مشورو ڏنو ته ان اهم موضوع تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ وڌيڪ مناسب هوندو ۽ فوري طور تي اجل??س گهرايو وڃي ته جيئن بل کي بنا دير قانون بڻائي سگهجي.