اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر اسد قيصر ڪرونا وائرس کي انساني الميو قرار ڏيندي چيو آهي ته هن وقت اسان کي وڌ کان و?? اتحاد ۽ يڪجهتي جي ??رورت آهي. اسپيڪر جي ??دارت ۾ تبليغي جماعت جي مجلس شوريٰ جي ميمبرن جو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري، شهريار آفريدي، اعجاز شاهه سميت پرڏيهي وزارت، ايوي ايشن، گهرو وزارت ۽ صحت واري وزارت جي ??ملدارن شرڪت ڪئي.