اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ملاقات ڪئي آهي ۽ کيس واپاري برادري جي لاءِ معاشي پئڪيج ۽ احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان م??جب ملاقات دوران ناڻي واري صلاحڪار ??زيراعظم کي ٺوس معاشي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جو اعلان حڪومت واپاري برادري، ايس ايم ايز ۽ عوام جي مدد لاءِ ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي قرض ملتوي ڪرڻ، نوان قرض سب??ڊي تي ڏيڻ، ٽيڪس ري فنڊ ذريعي روڪ رقم جي منتقلي، سماجي تحفظ جي احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.