اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ??هي ته وزيراعظم جي ڪورونا رليف فنڊ تحت ملندڙ درخواستن جي تناسب سان احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو ??صو 22.45 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو ??هي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ان حڪومتي قدم سان سنڌ جي لاءِ هاڻي 60 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن جنهن سان سڄي صوبي ۾ 50 لک کان وڌيڪ مستحق خاندان احساس امداد حاصل ڪري سگهندا، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ??ه گذريل ڏينهن وزيراعظم سنڌ صوبي جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ قائم احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي مرڪز جو ??ورو ڪيو، انتظامن جو ??ائزو ورتو ۽ امدادي رقم جي وصولي لاءِ ايندڙ اهل پورهيتن سان ملاقات ڪئي