اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڌندڙ آبادي تي پنهنجي ڳڻ??ي جو اظهار ڪن??ي فيڊرل پاپوليشن ٽاسڪ فورس تي زور ڏنو آهي ته اها ٽاسڪ فورس جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن ا??ا ڳالهه ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا سان ملاقات جي موقعي تي چئي، ان موقعي تي ٽاسڪ فورس جي ٻن اڳوڻن اجلاسن جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آبادي ۾ اضافي جي سماجي ۽ معاشي اثرن جي حوالي سان عوام ۾ شعور پيدا ڪن??ي ان جي موجوده رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي.