اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قي??تن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ضرو??تن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي قي??تن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪو??تن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي اولين ت??جي?? نه رڳو ڪڻڪ جي ضرو??تن موجب وڏي مقدار ۾ د??تيابي کي يقيني بڻائڻ آهي پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي قي??تن کي ضابطي ۾ رکڻ آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ سندس اولين ت??جي?? غريب طبقي جو تحفظ آهي ته جيئن انهن تي اضافي بار نه پوي. وزيراعظم ڪڻڪ ۽ اٽي جي قي??تن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪو??تن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن تي ڳالهائيندي هدايت ڪئي ته انهن فيصلن تي جلد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.