ڪراچي – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي 5 آگسٽ ??ي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف ڪراچي کان سک?? تائين ٽرين مارچ ٿيندو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر ح??يم عادل شيخ استحصال جي ڏهاڙي جي حوالي سان وڊيو پيغام ۾ چيو ??هي ته 5 آگسٽ تي ??ارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ کي هڪ سال مڪمل ٿي ويندو، هڪ سال اڳ مودي سرڪار ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪيو هو. هن چيو ??ه 5 آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ استحصال جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ??هي. حليم عادل شيخ چيو ??ه سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي لاءِ ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ??ه پي ٽي آءِ ڪراچي کان سک?? تائين ٽرين مارچ ڪندي. ٽرين مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڃي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ چيو ??ه پاڪستان جو هر شهري ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ مودي پاران ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.