اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قي??ين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته پر??من ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي سفير شڪرالله عاطف مشعل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان لاڳاپن کي خا?? اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرف لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم عمران خان سمورن پاڙيسري ملڪن خا?? طور تي افغانستان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پر??من ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. صدر چيو ته پر??من ۽ خوشحال افغانستان کانسواءِ علائقائي ترقي ۽ واپار ممڪن نه آهي. صدر آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قي??ين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيو.