اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معصوم ڇوڪري??َ ۽ عورت سان زيادتي جي مختلف واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آءِ جيز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته عورتن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ذميداري آهي، ڪنهن مهذب معاشري ۾ اهڙي درند??ي ۽ حيوانيت جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اهڙا واقعا ??سان جي سماجي قدرن جي منافي ۽ سوسائٽي تي ڪارو داغ آهن، وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد کان جلد قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ۽ قرار واقعي سزا ڏيارڻ جو حڪم ڏنو آهي.