اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي هدايت ڪئي آهي ته آڊٽ آٽوميشن جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪري ته جئين اداري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي، آڊيٽر جنرل اداري جي اندر موجود خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ روڊ ميپ تيار ڪري. اه??ن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد ج??ان??ير سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آڊيٽر جنرل جاويد ج??ان??ير صدر کي اي جي پي آفيس جي ڪارڪردگي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان اداري جي صلاحيت ۾ بهتري آڻڻ جي قدمن تي بريفنگ ڏن??.