اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته عورت پارليامينٽ ميمبر پنهنجي تڪن جي مسئلن جي لاءِ عام طور ۽ عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ خاص طور تي موثر ڪ??دا?? ادا ڪري رهيون آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي عورت ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وز??راعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙ عورت ميمبرن ۾ عاصمه قدير ۽ غلام بي بي ڀروانه شامل هيون. ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هو. عاصمه قدير وز??راعظم کي سسٽين ايبل هائوس هولڊ بابت منصوبي کان آگ??هه ڪيو، منصوبي تحت ڪچن گارڊننگ ۽ ننڍي پئماني تي پولٽري جي مدد سان نه رڳو وچولي خاندان جي گهر جون ضرورتون پوريون ٿي سگهنديون پر ان سان روزگار به ڪمائي سگهبو. ڄاڻايل منصوبو نه رڳو گهٽ کان گهٽ ڪاربن فٽ پرنٽ جي ڪري ماحول دوست آهي پر ڪنهن به گهر کي پنهنجي ط??ر هڪ سسٽين ايبل يونٽ ٺاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو.