اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چونڊ سڌارن جي پارلياماني ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي سمورن پارلياماني اڳواڻ?? کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پارلياماني ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ شامل ڪيا ويندا. چونڊ سڌارا ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻن جي نامزد??ي کانپوءِ جاري ڪيو ويندو. شفاف چونڊن لاءِ چونڊ سڌارا وقت جي اهم ضر??رت آهن.