اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ج?? ميمبرن ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ واپار ۽ سيڙپڪار وارو صلاحڪار عبدالرزاق ??ائود، سياسي معاملن وارو خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر، قومي اسيمبلي ميمبر عاصم نذير، رضا نصر الله گهمن، خرم شهزاد ۽ صنعتڪار شاهد نذير موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، بجيٽ ۾ عوام جي رليف ۽ صنعتن جي سهولتن ۽ ترقي لاءِ شامل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.