اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جو پارلياماني معامن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جوڙيل ڪابينا جي ذيلي ??مي??ي جو اجلاس پارلياماني معاملن واري وزارت جي ??مي??ي روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق شرڪت ڪئي، جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. نادرا چ??ئرمين، پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ سائنس ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسرن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي نادرا چ??ئرمين ٻ??ايو ته پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ حڪومت جي جاري ڪيل آرڊيننس ۽ آئين موجب نظام جي تياري جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو هن سال اندر مڪمل ٿيندو، ان نئين نظام ۾ انتظامي ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي مڪمل ڌار رکيو ويندو ۽ ووٽ جي رازداري کي قائم رکيو ويندو. نادرا چ??ئرمين ٻ??ايو ته گذريل ڏينهن هن اليڪشن ڪميشن کي به پنهنجي موجوده نظام جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن کي هن ساراهيو ۽ اصولي طور تي اهو ڪم نادرا کي ڏيڻ جو اشارو ??نو. ڪابينا جي ذيلي ??مي??ي فيصلو ڪيو ته نادرا ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ماهرن جو اجلاس اڄ 4 آگسٽ تي ٿيندو جنهن ۾ مشاورت سان گڏ رپورٽ تيار ڪئي ويندي جنهن کي ڪابينا جي ذيلي ??مي??ي 9 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي ايندڙ اجلاس ۾ غور ??يـ?? آڻيندي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ نادرا چ??ئرمين کي ساراهيندي چيو ته سندس ڪوششن سان اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا هڪ پيج تي اچي رهيا آهن، هن هدايت ڪئي ته هو بريفنگ مختلف پارلياماني ??مي??ين ۾ به پيش ڪرڻ لاءِ تيار رکي.