اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آه?? ته گرين لائين کي ??ئي ٿيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ ڪم ۾ تيزي آندي وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ?? صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي ميمبر غوث بخش مهر، صوبائي اسيمبلي ميمبر علي گوهر مهر ۽ صفدر عباسي شريڪ هئا. ان موقعي تي ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي صورتحال خاص طور تي امن امان ۽ ڪوروان جي صورتحال ۽ عوام کي ??رپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ وفاق جي جاري ترقياتي منصوبن تي سنڌ صوبي جي پهرين وڏي ٽرانسپورٽ منصوبي گرين لائين تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم گرين لائين کي مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ تيزي سا?? ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.