اسلام آباد-15 سيپٽمبر(اي پي پي ) پرڏيهي وز??ر شاهه محمود ??ريشي سان گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ عبدالله بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وز??رن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي وز??رن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبي ۾ سهڪار جي نوعي?? تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ??يو . پرڏيهي وز??ر اماراتي هم منصب کي دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ ايڪسپو 2020 جي بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني ۽ ايڪسپو جي شاندار ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وز??رن اهم علائقائي گڏيل دلچسپي وارن معاملن افغانستان جي صورتحال تي صلاح مشوري جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ??يو .