اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ??وڻ ۽ دواسازي جي شعبن ۾ روانگي واپار ۾ واڌاري جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن اها هدايت نيشنل ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، واپار ۽ سيڙپڪاري وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڊرگ ريگوليٽر اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) عاصم رئوف، داوساز ۽ ??وڻ جي شعبن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. و??ير??عظم کي خاص طور تي ??وڻ ۽ دواسازي جي شعبن ۾ روانگي واپار ۾ مختلف قسمن جي امڪانن کان آگاهه ڪيو ويو. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ان لحاظ کان خوش قسمت آهي ته هتي هر قسم جو ??وڻ دستياب آهي، ان ۾ چٽاني لوڻ، سامونڊي ??وڻ ۽ ڍنڍن مان حاصل ڪيل ??وڻ شامل آهن، 6.2 ملين ٽن جي مجموعي ذخيرن سان کيوڙه سالٽ مائن دنيا ۾ ??وڻ جي ٻي وڏي کاڻ آهي.
پاڪستان وٽ 1050 ڪ??وميٽر ڊگهي ساحلي پٽ سان گڏ ساموندي ??وڻ جا وسيع ذخيرا به آهن، 350 ملين ٽن عالمي ??وڻ جي کپت جو تقريبن 60 سيڪڙو ڪيميائي صنعت ٺاهيندي آهي، پاڪستان جي سالياني ??وڻ جي پيداوار 4 ملين ٽن آهي جڏهن ته هر سال صرف 3 لک ٽن برآمد ڪيو پيو وڃي، جڏهن سالٽ ۽ بلوچستان جي حڪومت ??وڻ جي روانگي واپار ۾پاڪستان جي وسيع امڪانن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ نئون سولر سالٽ منصوبو شروع ڪيو آهي، اهو دنيا جو سڀ کان وڏو ??وڻ پيدا ڪرڻ جو به منصوبو هوندو ۽ ??وڻ جي روانگي واپار کي 2023ع ۾ 400 ملين ڊالر کان وڌائي ڇڏيندو ۽ ايندڙ سالن ۾ 200 ملين ڊالر ساليانو جي شرح سان اضافو ڪندو رهندو،
وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن وقت پاڪستان جي دواسازي جو روانگي واپار 275 ملين ڊالر آهي جيڪو وڌيڪ 74.3 بلين ڊالر کان وڌڻ جي صلاحيت رکي ٿو. مشينري ۽ ساز ۽ سامان ۾ سيڙپڪاري، پاڪستاني دوائن جي رجسٽريشن جي عمل کي هموار ڪرڻ، مشهور ملٽي نيشنل ڪمپنين (MNCs) سان منصوبن ۾ حصيداري ۽ برانڊنگ لاءِ عالمي منڊين ۾ سيلز ۽ مارڪيٽنگ ٽيمن جي مقرري جي ذريعي ترقي جي ان صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ??وڻ ۽ دواسازي جي شعبن ۾ روانگي واپار ۾ واڌاري جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سموري ضروري قدم کنيا وڃن. و??ير??عظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت معيشت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار دوست پاليسين تي ڌيان ڏئي رهي آهي. و??ير??عظم ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڪاروباري برادري کي وڌ کان وڌ ويليو ايڊيشن حاصل ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ گهرجي.