ڪراچي – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي عوام کي مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت وزيراعظم ڪفالت احساس پروگرام ۾ شامل نه ٿي، هر جڳه?? تي انهن جي نالائقي ظاهر آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن غريب ماڻهو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. مم??ڪتي وزير چيو ته هر جڳه?? تي انهن جي نالائقي نظر اچي ٿي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وزيراعظم ڪفالت احساس پروگرام ۾ شامل نه ٿي، جيڪڏهن اسانجي پروگرام سان مسئلو آهي ته غريب ماڻهو جي لاءِ سنڌ حڪومت ڪو پروگرام کڻي اچي. مم??ڪتي وزير چيو ته صحت ڪارڊ جي معاملي ۾ به سنڌ حڪومت اعتراض ڪري ٿي، وفاق سنڌ حڪومت کي ٽن سالن جي اندر 19 سئو ارب رپيا ڏنا آهن. هن چيو ته اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿيا، سنڌ ۾ ڪٿي به ترقي نظر نه ٿي اچي، غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهي پئسا به ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن. فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، ناظم جوکيو جي قتل جي ايف آءِ آر به پي ٽي آءِ جي ميمبرن ڪٽرائي. مم??ڪتي وزير چيو ته گڏيل قومن موجب دنيا ۾ مهانگائي جو 50 سالا رڪارڊ ??ٽي ويو آهي. هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي سطح تي وڌي رهيون آهن، اسان پيٽروليم ليوي نه وڌايو، پيٽروليم مصنوعات تي س??لز ٽيڪس گهٽ ڪيو آهي. مم??ڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪوشش آهي ته عالمي مهانگائي جو اثر پاڪستاني عوام تي گهٽ کان گهٽ ٿيو.