اٽڪ – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته کنڊ جي قيمت هڪدم سان 140 تائين پهچي وئي آهي، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته سنڌ ۾ 3 شگر ملز بند ڪيون ويون آهن جنهن جي ڪري پنجاب جي شگر ملز ذخيره اندوزي شروع ڪري ڇڏي، شگر ملن اسٽي آرڊر وٺي رکيا آ??ن، حڪومت ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي، پاڪستان ??ه ان کان متاثر ٿيو آهي، عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان ??چائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آ??يون، 13 ڪروڙ ماڻهن کي احساس راشن پروگرام تحت ضرورت جي شين تي سبسڊي ڏينداسين، شگر ملز اسٽي آرڊر وٺي رکيا آ??ن، ملون بند ۽ ذخيره اندوزي جي ڪري کنڊ جي قيمت وڌائي آهي، پنجاب حڪومت فوري طور تي اسٽي آرڊر ختم ڪرائي، مارچ تائين پنجاب ۾ هر شهري وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو، اسان ??يندڙ نسلن جي لاءِ سوچي رهيا آ??يون، تنقيد ڪندڙ 5 سالن کانپو??ِ اسان ??ي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن، پٺتي پيل علائقن جي حالت بدلائي ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماءُ ٻار اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ماءُ ٻار اسپتالن جي ڏورانهن علائقن ۾ سخت ضرورت آهي. پنجاب جي وڏي وزير ۽ پنجاب جي صحت واري وزير کي ان ??سپتال جي منصوبي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??نهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ويم دوران ??ورتن جي موت جي شرح تمام وڌيڪ آهي. جيڪڏهن حڪومت عورتن کي ويم دوران ??لاج جي سهولت فراهم نه ٿي ڪري سگهي ته اها وڏي شرم جي ڳالهه آهي. ڏورانهن علائقن ۾ عورتن کي صحت جي سهولتن جو مسئلو درپيش آهي. پنجاب ۾ 5 ماءُ ٻار اسپتالون ٺاهي رهيا آ??يون. هر حڪومت جون پنهنجون ترجيحون هونديون آهن. اسان ??ي ترجيح اها آ??ي ته پنهنجي اقتدار جي 5 سالن دوران ??نهن علائقن کي ترقي ڏيون جيڪي ماضي ۾ پٺتي رهجي ويا. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ سمورن علائقن جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ جڏهن اسان ??ي حڪومت ٺهي ته ٽن سالن تائين اسان ??هي طعنيٰ ٻڌندا رهياسين ته ڪٿي آهي نئون خيبرپختونخواهه؟ 30 سال اڳ اسان ننڍي کنڊ ۾ ا??تي هئاسين، گذريل 30 سالن دوران ملڪ ڀارت ۽ بنگلاديش کان پٺتي هليو ويو ۽ ٻه حڪمران ??اندان ??مير ترين ٿيندا ويا. هن چيو ته جهڙي طرح اسان 5 سالن ۾ نئون خيبرپختونخواهه ٺاهيو ان ??ي نتيجي ۾ صوبي جي عوام اسان کي ٻيهر ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو. يو اين ڊي پي جي سروي موجب 2013ع کان 2018ع دوران ??يبرپختونخواهه اهو صوبو هو جتي غربت جي شرح باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿي. عوام اسان کي ان لاءِ ووٽ ڏنو ڇو ته ان ??ي زندگي ۾ فرق آيو. اسان ??حت ڪارڊ متعارف ڪرايو، سياحت کي وڌايو، تعليم جي نظام کي بهتر ڪيو. پنجاب جي وڏي وزير تي تنقيد ڪندڙ 5 سالن کانپو??ِ اسان ??ي حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن. 5 سالن کانپوءِ فيصلو ٿيندو ته غربت ۾ گهٽتائي آئي؟ عام ماڻهو جي زندگي بهتر ٿي؟ اسان ??ي حڪومت عام ماڻهو جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ۽ اهڙا منصوبا ٺاهيا جن جو فائدو ايندڙ نسلن کي به ٿيندو. ملڪ ۾ 50 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊيم ٺهي رهيا آ??ن. 10 سالن ۾ 10 ڊيم تعمير ڪيا ويندا ڇو ته سڄي دنيا ۾ پاڻي جو مسئلو اچي رهيو آهي. اهي ڊيم ماضي ۾ ٺهڻ گهرجن ها پر ڪنهن ڌيان نه ڏنو. پهريون ڀيرو ملڪ ۾ اهڙي حڪومت آئي آهي جنهن ايندڙ نسلن جو سوچيو آهي. ملڪ ۾ هاڻي صنعتون ترقي ڪري رهيون آهن. معيشت بهتر ٿي رهي آهي. سمنڊ پار پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ مان ??ڀ کان وڌيڪ پئسو موڪلي رهيا آ??ن. هاڻي اسان ??هڙا منصوبا آڻي رهيا آ??يون جن ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سيڙپاري ڪندا جنهن سان ??ولت جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. اسان ماحوليات جي شعبي ۾ خصوصي ڌيان ڏنو آهي. 10 ارب وڻ لڳائڻ وڃي رهيا آ??يون جنهن مان ??ڍائي ارب لڳي چڪا آ??ن. نيشنل پارڪس جي انگ کي ٻيڻو ڪيو پيو وآڃي. ڪڏهن ڪنهن سوچيو به نه هو ته سمورن شهرين جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي مفت سهولت حاصل ٿيندي. حڪومت صحت ڪارڊ جي ذريعي هر خاندان کي 7 کان 10 لک رپين جي انشورنس فراهم ڪندي. اهڙو پروگرام ترقي يافته ملڪن ۾ به نه آهي. ٽن سالن ۾ ان ??ي لاءِ 330 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. خيبرپختونخواهه ۾ سمورن شهرين کي اها سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي. پنجاب ۾ مارچ تائين هر شهري کي هيلٿ انشورنس حاصل هوندي ۽ ان ??ي ذريعي ڪنهن به اسپتال مان ??لاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندو. وزيراعظم چيو ته هيلٿ ڪارڊ رڳو هڪ ڪارڊ نه آهي پر صحت جو هڪ پورو نظام آهي. پرائيويٽ سيڪٽر مان ماڻهو ڳوٺن ۾ وڃي اسپتالون ٺاهيندا. هينئر ڪير ڳوٺ ۾ وڃي اسپتال نه ٿو ٺاهي ڇو ته ڳوٺن ۾ ماڻهن وٽ علاج جي لاءِ پئسا نه هوندا هئا. اسان ??سپتالن جي تعمير جي لاءِ سستي زمين فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جو مسئلو سڄي دنيا ۾ آهي گذريل 100 سالن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جهڙو ڪو بحران نه آيو. ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ سپلائي ۽ واپار متاثر ٿيو آهي، اڳ ۾ پيٽرول جي قيمت هيٺ ڪري ۽ هاڻي ان ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي. هاڻي پيٽرول 45 مان 85 ڊالر في بيرل تي هليو ويو آهي. پيٽروليم جي قيمتن ۾ اضافي سان هر شيءَ مهانگي ٿي وڃي ٿي. مال بردار سامونڊي جهازن جا ڪرائي وڌي وڃن ٿا. بجلي به مهانگي ٿي وڃي ٿي ۽ دالين، گيهه سميت سموريون شيوم جيڪي مال بردار سامونڊي جهازن ذريعي پاڪستان ۾ ا??ن ٿيون اهي به مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. ٽرانسپورٽيشن جي لاڳت به وڌي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته پوري دنيا مهانگائي کان متاثر ٿي آهي. ڀارت ۾ به گوڙ متل آهي. ڀارت ۾ پيٽرول جي قيمت 250 رپيا جڏهن ته بنگلاديش ۾ 212 رپين تائين هلي وئي جڏهن ته ان ??ي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 146 رپيا آ??ي. سڀ کان ??ستو پيٽرول، ڊيزل پاڪستان ۾ آهي ڇو ته حڪومت ان ??ي ٽيڪس ۽ ليويز گهٽ ڪيو آهي. حڪومت 2 ڪروڙ خاندانن جي 13 ڪروڙ ماڻهن کي احساس راشن پروگرام تحت ضرورت جي شين تي سبسڊي فراهم ڪندي. صوبا ۽ مرڪز گڏجي 120 ارب رپيا فراهم ڪندا. وزيراعظم چيو ته ڪامياب پروگرام تحت 20 لک کي بنا وياج قرض ڏنو ويندو. گهرن جي تعمير لاءِ 20 لک بنا وياج قرض ڏنا ويندا. عوام کي مشڪل مان ڪڍڻ ۾ مدد ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي قيمت هڪدم سان 140 تائين پهچي وئي آهي، جڏهن مون معلوم ڪرايو ته خبر پئي ته سنڌ ۾ 3 شگر ملز بند ڪيون ويون آهن جنهن جي ڪري پنجاب جي شگر ملز ذخيره اندوزي شروع ڪري ڇڏي. مون کي ٻڌايو ويو ته جولاءِ کان ??گر ملن اسٽي آرڊر وٺي رکيا آ??ن ۽ حڪومت ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي. چٽاڀيٽي ڪميشن جيڪو شگر ملز تي ڪارٽل ٺاهي قيمتون وڌائڻ تي ڏنڊ هنيو هو، ان ??ي به شگر ملز مالڪن اسٽي وٺي رکيا آ??ن، ان کانسوا??ِ ايف بي آر کي 500 ارب رپين جو ڏنڊ وصول ڪرڻو هو ان ??ي به شگر ملز اسٽي وٺي ڇڏيو آهي. وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته هو قانون واري وزير ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سان گڏجي ان معاملي تي فوري ڪارروائي ڪن ۽ اسٽي آرڊر به ختم ڪرائين. شگر ملز مالڪ عوام جي چيلهه ٽوڙي اربين رپيا ڪمائي وٺن ٿا ۽ جڏهن حڪومت ڪا ڪارروائي ڪري ٿي ته اسٽي آرڊر وٺي اچن ٿا.