اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين دينه ۾ لاهور جي ??جي اسڪول جي ٽرپ ڪوسٽر کي پيش ايندڙ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنه??جي هڪ بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻارن سان پيش ايندڙ واقعو افسوسناڪ آهي، حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٽيچر ۽ شاگردن جي پونئيرن جي ??ک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا درجا بلند ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن حادثي ۾ زخمين جي ج??د صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.