اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو پنهن??ي تعليم تي ڌيان ڏيندي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بل??چستان جا شاگرد جديد تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جون مهارتون حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم ??ي تقدير ب??لائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بل??چستان ريذيڊنشل ڪاليج، خضدار جي شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر تي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، صدر عارف علوي چيو ته شاگرد پاڻ کي جديد علم ۽ آءِ ٽي مهارت سان ليس ڪري ملڪي تقدير ب??لائي سگهن ٿا، شاگرد تعليم تي ڌيان ڏئي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هن چيو ته حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ بل??چستان ??ي ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو، هن چيو ته بل??چستان ۾ تعليم جي شعبي جي سهولتن کي ترقي کي ترجيح ڏني پئي وڃي، صدر عارف علوي چيو ته اقتصادي راهداري، گوادر پورٽ ??ي تڪميل سان روزگار سان گڏ صوبي ۾ خوشحالي ايندي. صدر بل??چستان جي مختلف علائقن خضدار ۽ لورالائي ۾ ريذيڊنشل ڪاليجز ??ي قيام تي بل??چستان حڪومت جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته اهو اميد ڪري ٿو ته ريذيڊنشل ڪاليجز ??وبي ??ي تعليمي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.