اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي گڏجي اڄ اهو ضمني بل منظور ڪرائيندا، مخالف ڌر کي ناڪامي ٿيندي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان غير ??سمي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته مخال ڌر چئي رهي هئي ته اسان ضمني فنانس بل منظور نه ڪرائڻ ڏينداسين، اڄ مخالف ڌر کي ڀرپور ناڪامي ٿيندي. هن چيو ته سڄي قوم اڄ واري مخالف ڌر کي روئندو ڏسندي. اطلاعات ۽ نشريا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ضمني فنانس بل سان عام ما??هو تي ڪو به اثر نه پوندو، عام ما??هن کي متاثر ڪندڙ شين تي ٽيڪس جي معاملي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته ضمني فنانس بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو. فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف تياري ڪري وٺي، هاڻي ان کي حساب ڏيڻو پوندو. شريف فيملي جا ڪجهه ما??هو فرار ٿيا آهن ۽ ڪجهه عدالتن ۾ تاريخن جي پويان لڪي رهيا آهن.