اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ?? موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ سريلنڪا آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي وڌائ?? جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي واپار واري وزير ڊاڪٽر بندولا گنا ورڌنا ۽ علائق??ئي تعاون واري رياستي وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهائيندي چئي جن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر گنا ورڌنا ۽ ٿراڪا بالا سوريا سريلنڪا جي هڪ واپاري وفد سان گڏ هن وقت 20 کان 27 جنوري 2022ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائ?? جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪستان سريلنڪا ايف ٽي اي کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاير لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائ?? جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مضبوط ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم سريلنڪن وفد جو ڌيان پاڪستان جي تاريخي ٻڌمت ثقافتي ورثي طرف ڇڪرايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سريلنڪن شهري وڏي انگ ۾ مذهبي سياحت جي لاءِ پاڪستان ايندا. ڊاڪٽر بندولا گنا وڌ??ني سريلنڪا جي لاءِ گرم جوشي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان سان واپار، آءِ سي ٽي، فارماسيوٽيڪل، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، تعليم، دفاع، سياحت، انساني وسيلن جي ترقي جي مختلف شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن، گڏيل منصوبن، اعليٰ صلاحيتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ پاڪستان سان تعاون کي سگهه ڏي?? جي خواهش ظاهر ڪئي.