اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڪشش ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي منزل جي طور تي اڀري رهيو آهي، پاڪستان ملڪ جي ڪاروباري ماحول ۾ بهتري آڻڻ لاءِ مختلف سڌارا متعارف ڪرايا آهن، غير ملڪي واپاري ملڪ جي سيڙپڪار طور ڪاروباري نظام مان فائدو کڻن، ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برونائي داراسلام جي چونڊيل هاءِ ڪمشنر الجزائر ۽ يونان جي سفيرن ۽ موريطانيه ۽ البانيا جي چونڊيل غير مقيم سفيرن سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيند ڪئي، جنهن ساڻس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، برونائي داراسلام جي چونڊيل هاءِ ڪمشنر پينگيران عبدالصمد بن پينگيران حاجي ميتاسان، الجزائز جي چونڊيل سفير براهيم رونامي، يونان (هيلينڪ ريپبلڪ) جي ڪونسٽنٽينوس مواتس، موريطانيه جي محمد والباه ۽ البانيه جي نامزد سفير ڪسٽريوٽ روبو هڪ تقريب ۾ صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي کي پنهنجون سندون پيش ڪيون، صدر نئين چونڊيل سفيرن کي م??ار??باد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هو دوست ملڪن سان گڏ معاشي واپاري ۽ ثقافتي تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته آساني ڪاروبار سان غير ملڪي ڪاروباري اد??رن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ملندي، پاڪستان معاشي ترقي لاءِ پنهنجي منفرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپاري ماپو خاص طور روانگي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي، صدر چيو ته دوست ملڪن سان گڏ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ تعاون لاءِ اداره جاتي فريم ورڪ جي ضرورت آهي، صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پ??ران ??نس??ني حقن جي خلاف ورزين جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري ڀارت کي جوابده بڻائي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري، صدر غير ملڪي سفيرن کي افغ??نس??ان جي سنگين ??نس??ني صورتحال کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عالمي برادري افغ??نس??ان جي ماڻهن کي ??نس??ن جي تباهي کان بچائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪري.