لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جنگ وڙه?? رهيو آهي، پورو معاشرو ان جنگ ۾ وزيراعظم جو ساٿ ڏي، مخالف ڌر حڪومت جي خ??اف عدم اعتماد آڻڻ کان اڳ پنهنجا ماڻهو ته پورا ڪري وٺي، هڪ ٻئي جي خ??اف ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي مفاد جي لاءِ ??يهر گڏ ٿ?? رهيا آهن، قانون جو مذاق اڏائيندڙن جي خ??اف جڏهن ڪا ڪارروا??ي شروع ٿئي ٿي ته اهي التوا جي پٺيان لڪي وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ سڄي ملڪ مان آيل پي ايف يو جي جي ميمبرن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي لاهور پريس ڪلب جي صدر اعظم چوڌري ۽ ٻين صحافين جو انگ پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پنهنجي دور ۾ ڪرپشن ڪئي، رمضان شگر ملز جي 10 کان 15 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ ملازمن جي اڪائونٽس ۾ اربين رپيا ڪٿان اچي وڃن ٿا، جڏهن سوال پڇيو وڃي ته اهي التوا جي پٺيان لڪي وڃن ٿا، ڪڏهن قطري خط اچي وڃي ٿو، ڪڏهن جسٽس (ر) قيوم جهڙا جج ڳولڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته جڏهن سڄو خاندان چوري ڪري ٻاهر هليو وڃي ته انهن کي جواب ته ڏيڻو پوندو. شهباز زرداري ملاقات جي حوالي سان مملڪتي وزير چيو ته زرداري شهباز شريف ملاقات رڳو پنهنجي مفادن جي لاءِ آهي، شهباز شريف ماضي ۾ زرداري کي رستن تي گهيلڻ جي ڳالهه ڪندو هو هاڻي اهي قانون جو مذاق اڏائڻ جي لاءِ ??يهر گڏ ٿي ويا آهن. چوڌري ڀائرن سان اپوزيشن جي ملاقاتن جي حوالي سان فرخ حبيب چيو ته اهي اتان روٽي شوٽي کائين، ملاقات ڪرڻ ۾ اهي آزاد آهن جڏهن ته حڪومت کي پنهنجي اتحادين کان ڪو خطرو نه آهي. ميڊيا جي آزادي جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، حڪومت صحافين جي سمورين تنظيمن سان گڏجي جرنلسٽ ميڊيا پروٽيڪشن بل اسيمبلي مان پاس ڪرائي ورتو آهي، قانون ٺهڻ تي منسٽري آف هيومن رائٽس ان تي ڪم ڪر?? رهي آهي ان تي ڪميشن پڻ ٺاهيو ويندو جنهن ۾ صحافين ??ي نمائندن کي شامل ڪنداسين ته جيئن صحافين کي پنهنجون ذميواريون سازگار ماحول ۾ انجام ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته پرنٽ ميڊيا جي صحافين وٽ پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ آءِ ??ي اين اي جو پليٽ فارم موجود آهي، ڪوشش ڪر?? رهيا آهيون ته اليڪٽرانڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي صحافين کي به آءِ ??ي اين اي تائين پهچ ڏيون. هن چيو ته آءِ ??ي اين اي 10 هزار کان وڌيڪ ڪيسز مان 7 هزار جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ ??ي اين اي جو سيٽ اپ اسلام آباد کانسواءِ سڄي ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ به قائم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته آءِ ??ي اين اي جي چيئرمين جي مقرري هڪ هفتي جي اندر ڪئي ويندي. هن چيو ته صحافين کي مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي، ڊس انفارميشن ڄاڻي واڻي ڪئي وڃي ٿي، ذاتي ڪردارڪشيءَ ڪندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صحافي پنهنجي صفن ۾ لڪل انهن ڪارين رڍن جو گهيراءُ ڪن جيڪي ڊس انفارميشن ڪر?? رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي لاءِ جنگ وڙه?? رهيو آهي، ڪرپشن ??ي ناسور جي خ??اف پوري قوم وزيراعظم جي ڪوششن جو ساٿ ڏي. هن صحافين کي مخاطب ڪندي چيو ته اهي حڪومت ۽ ان جي ڪارڪردگي تي مثبت تنقيد ڪن اسان کليل دل سان ان کي تسليم ڪنداسين. هن چيو ته صحت ڪارڊ عوام جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي، اهي 10 لک رپين تائين پنهنجو علاج ڪنهن به سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتال مان ڪرائي سگهن ٿا. هن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي چيو ته اهي سنڌ جي عوام کي به صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪن. مملڪتي وزير چيو ته صحافين کي صحت ڪارڊ ڏيڻ کانسواءِ ڪامياب جوان پروگرام ۾ پڻ شامل ڪنداسين، پاڪستان ڪامياب پروگرام پڻ اچ?? رهيو آهي، ان ۾ به صحافين کي آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا. تقريب ۾ بلوچستان مان آيل صحافين مملڪتي وزير کي بلوچي ثقافت جي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي.