لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو جي ڀلائي ??اء?? ترقياتي ۽ سماجي تحفظ جا منصوبا شروع ??يا آهن، ڪموڊٽي سُپر سائيڪل جي باوجود حڪومت تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ گورننس جي بهتري ??اء?? مانيٽرنگ جو جديد نظام متعارف ڪرايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي ناڻي واري وزير هاشم جوان بخت ۽ اسپيشل مانيٽرنگ يونٽ پنجاب جي سربراهه فضيل آصف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ??ڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.