اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز چي?? ??هي?? ته پاڪستان جون عدالتون آزاد آهن، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ??هي?? عدالت قوم جي ڀلائي لاءِ جيڪو به فيصلو ڪندي ??ن جو احترام ڪنداسين، پي ڊي ايم وارا جيڏانهن به ويندا ملڪ جي هر طبقي کي اسان جي فيصلي سان خوشي ٿي ??هي?? نوجوان طبقي کي اسان جي فيصلي کان تمام گهڻي خوشي ملي ??هي?? اپوزيشن جي سياست بٽڻ واري ٽيليفون جهڙي ٿي وئي ??هي?? ملڪ جو عوام سندن سازشن کي ناڪام بڻائيندو ته جيئن ايندڙ ڪو پرڏيهي سازش جو هٿيار بنجڻ جي جرئت نه ڪري. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شبلي فراز چي?? ته جيڪا ڪيفيت اپوزيشن پيدا ڪئي ??هي?? ان جو مقصد سازش کي اڳيان وڌائڻ ??هي?? اپوزيشن وارا ملڪي پرڏيهي پاليسي کي محڪوم رکڻ واري ايجنڊا کي هٿي وٺرائي رهيا آهن جن پاڪستان کي ڀڪاري چئي ڇڏيو ??هي?? اهي پاڪستان لاءِ اهل ئي ناهن. اهي ليڊر جن تي نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ ڪيس آهن اهي هن ملڪ جي عوام لاءِ اهل ئي ناهن. هڪ طرف هنن قوم کي ڀڪاري چي?? ۽ ٻئي طرف سندن منشي جي اڪائونٽن ۾ به 4 ارب رپيا موجود آهن، انهن تي ڪرپشن جا وڏا وڏا ڪيس آهن. هنن ملڪ جي سياست کي تباهه ڪيو آهي ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪيو آهي. هنن سنڌ هائوس ۾ جنهن روايت کي هٿي وٺرائي آهي اها سڀني جي سامهون آهي. مري، ڇانگلا، ڇانگا مانگا ڪلچر سڀني جي سامهون آهي. شبلي فراز چي?? ته اسان کي نئين چونڊن ڏانهن وڃ??و پوندو، اسان پهرين به عوام وٽ ويا آهيون ۽ هاڻي به انهن ڏانهن وڃي رهيا آهيون. قوم ڄاڻي چڪي آهي ته پي ڊي ايم وارن جي ايجنڊا ڪهڙي هئي، هي ماڻهو اليڪشن کان ڇو ڀڄي رهيا آهن، عوام ڏانهن اچن ۽ ميدان مقابلو ڪن، مقابلا ميدان ۾ ئي ٿيندا آهن. هن چي?? ته هن ملڪ جو مستقبل عوام سان واڳيل آهي ۽ عوام اپوزيشن جي سازش کي ناڪام بڻائيندو. اسان عوام ڏانهن وينداسين ۽ فتح حق جي ٿيندي. خط بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ شبلي فراز چي?? ته اپوزيشن پارلياماني ڪميٽي ۾ ڇو ناهي آئي. اسان پارلياماني ڪميٽي ۾ خط ڏيکاريو. عليم خان بابت پڇيل هڪ سوال بابت هن چي?? ته جنهن طرح جون ڳالهيون عليم خان ڪيون ان تي افسوس ٿيو، آخري وقت تي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جو ڪو جواز ئي ناهي.