اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف هدايت ڪئي آهي ته اورنج لائين م??ٽرو بس سان گڏ راولپنڊي صدر ۽ اسلام آباد سيڪريٽريٽ طرف ميٽرو روٽ کي به ڳنڍيو وڃي، پشاور موڙ کان اسلام آباد ايئرپورٽ تائين م??ٽرو روٽ کي ڳنڍڻ جي لاءِ فيض احمد فيض اسٽيشن تي جنڪشن سومر تائين تيار ۽ ن??ين روٽ سان ڳنڍجي ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم شهباز شريف پاران افتتاح کانپوءِ في الحال اورينج لائين م??ٽرو پشاور موڙ تي اين ايڇ اي اسٽيشن کان ايئرپورٽ تائين فعال آهي. وزيراعظم سي ڊي اي چي??رم??ن کي هدايت ڪئي آهي ته هو اورنج لائين سان گڏ راولپنڊي صدر ۽ اسلام آباد سيڪريٽريٽ طرف ميٽرو روٽ کي به ڳنڍي، ان لاءِ فيض احمد فيض اسٽيشن تي هڪ جنڪشن تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو سومر تائين تيار ٿي ويندو. سومر کان راولپنڊي جا مسافر وزيراعظم جي هدايت جي نتيجي ۾ هوائي اڏي جي ڪن??ڪش?? سان گڏوگڏ اورنج لائين جي ذريعي گولڙه ۽ ن??ٽ کان لنڪ به استعمال ڪري سگهندا. اهو وزيراعظم شهباز شريف پاران راولپنڊي اسلام آباد جي عوام لاءِ وڏو تحفو آهي.