انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو اڄ اربع ڏينهن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ??ي وڌيڪ فروغ تي ??يالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي اعليٰ قيادت شريڪ هئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ اربع ڏينهن صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم کي صدارتي محل ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات لاءِ ترڪ روايتن موجب جانثاري دستي ??ي حصار ۾ ورتو ويندو، وزيراعظم جو گارڊ آف آنر سان شاندار استقبال ڪيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪ صدر جي ملاقات ??ان??وءِ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿيندي جنهن ??ان??وءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندا. وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪي جي ٽن ڏينهن جي دوري تي ??هي، وزيراعظم شهباز شريف مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي ??اضري به ڏيندو.