لاهور – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ آئين شڪني جون ڀارتي ڪار??وا??ون گڏيل قومن جي ق??اردادن جي خلاف ورزي آهن. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته طاقت ۽ ڏااڍ جي زور تي ڪنهن به قوم کي دٻائي نه ٿو سگهجي، ڀارت جو آرٽيڪل 370 جي خاتمي وارو قدم مذمت جوڳو آهي جنهن والاريل ڪشمير جي آبادي جو تناسب آئيني دهشتگردي سان بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح دنيا تي واضح لفظن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي جنهن تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت کي ڪشمير تي ق??ضو ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام کي آزاداڻي راءِ استعمال ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي.