لاهور – 14 – آگسٽ (اي پي پي) جشن آزادي ۽ ??اڪ??تان ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب علامه اقبال جي مزار تي منعقد ٿي جنهن ۾ پاڪ فوج جي دستي پنجاب رينجرز جي جڳهه گارڊز جا فرض سنڀاليا. گارڊز جي تبديلي جي تقريب جو خاص مهمان ميجر جنرل شهباز خان هو. خاص مهمان گارڊز جي تبديلي جي عمل جو معائنو ڪيو. هن ??زار تي گلدستو ر??يو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ميجر جنرل شهباز خان مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا. ان موقعي تي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي.