اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته بحرين کان ڪالام روڊ کي پنهنجي واعدي موجب ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آ??ي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ه?? چيو ته ڪالام دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرين ۽ ڪالام ۾ ڦاٿل مقامي ۽ عالمي سياحن سان واعدي موجب بحرين کان ڪالام رستي کي بحال ڪري ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آ??ي. مشڪل حالتن جي باوجود رستي جي ترجيحي بنيادن تي بحالي تي ايف ڊبليو او ۽ اين ايڇ اي ۽ اليون ??ور جا اهلڪار ساراهه لائق آهن.