اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ڪوئيٽا سبي ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئ?? جنهن کانپوءِ ڪوئيٽا کي 300 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي شروع ٿي وئ?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 220 ڪي وي ڪوئيٽا انڊسٽريل گر?? اسٽيشن ب?? بحال ڪئي وئ?? آهي جنهن کانپوءِ علائقي جي 132 ڪي وي جي 19 گرڊز ڪوئيٽا انڊسٽريل گر?? اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو آهي. قومي شاهراهه اين – 65 (سکر – ڪوئيٽا) کي پڻ هيوي ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو آهي جنهن سان نصيرآباد ڊويزن ۽ ٻين ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي سامان پهچائڻ ۾ آساني ٿيندي. واضح رهي ته وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جي ڪمن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.