??سل??م آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 9 ۽ 10 نومبر تي سعودي عرب جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. دوري د??ران پرڏيهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب سان سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل (ايس پي ايس سي سي) جي سياسي ۽ سلامتي بابت گڏيل ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي د??ري د??ران جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪندو. سرڪاري مصروف??تن کانسواءِ پرڏيهي وزير مقامي ميڊيا ۽ ملڪ جي ??ين معززين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي وزير جي د??ري سان سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ گڏيل مفاد ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ تعاون کي فروغ ملندو.