اسلام آباد – 02 – ڊ??مب?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??صو??ي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ، مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ان جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ??صو??ي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ??صو??ي ماڻهن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، تعليم واري وزارت، صحت واري عالمي اداري ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ??صو??ي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبي جي ضرورت آهي، ??صو??ي ماڻهن جي چرپر ۽ عوامي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائي انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته معذور ماڻهن کي تعليم، هنر ۽ ملازمتون فراهم ڪري معاشري ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ??صو??ي ماڻهن کي مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 10 کان 15 سيڪڙو يا اٽڪل 22 ملين ماڻهو ??صو??ي ماڻهن تي ٻڌل آهن، ??صو??ي ماڻهن جي ايڏي وڏي آبادي کي قيمتي اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي ۽ ??صو??ي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. لاڳاپيل ريگيوليٽري اٿارٽيز کي سڀني سرڪاري ۽ نجي عمارتن، انفراسٽرڪچر، اسڪولن ۽ صحت جي سهولتن جي هڪ جامع آڊٽ ڪرائڻ جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. صدر ملڪ ۾ سمورين تعليمي سهولتن کي ??صو??ي ماڻهن جي ضرورتن موجب بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته سڀني تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي ??صو??ي ماڻهن کي داخلا ڏيڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. ڊ??مب?? جو پورو مهينو ??صو??ي ماڻهن جي مهيني طور ملهائڻ گهرجي. صدر چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جا ادارا ??صو??ي ماڻهن جي حقن بابت شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ ??گا??ي مهم هلائين.